فوجي ملازمن تي ملڪ رياض سان رابطو ڪرڻ تي پابندي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  ملڪ رياض جو ڏينهون ڏينهن گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، ملڪ رياض کي ترقي ڏياڻ ۾ مدد ڪندڙ سندس ملازم رٽائر فوجي آفيسر به بيوس ٿي ويا آهن، نامياري صحافي راجا عاطف  ذوالفقار جو چوڻ آهي ته  ملڪ رياض جن ڳنڀير حالتن مان گذري رهيو آهي انهن بابت هن ڪڏهن سوچيو به نه هو. ان  جو وڏو ڪارڻ اهو هو ته فوج مان جيڪو آفيسر رٽائر ٿيندو هيو ان کي ملڪ رياض پاڻ وٽ وڏي پگهار تي ملازم رکي  ڇڏيندو هو. نتيجي ۾ اهو اداري ۾ پنهنجن لاڳاپن ذريعي ملڪ رياض جي مفادن جو تحفظ ڪندو هو. پهريون ڀيرو آرمي چيف جنرل عاصم منير  اداري ۾ آرڊر جاري ڪيو آهي ته ڪو به اداري جو ملازم ملڪ رياض سان فون تي نه ڳالهائيندو ۽ نه ئي ساڻس لاڳاپا قائم ڪندو. آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ادارا تي ڪارروائي کي منهن ڏيندا. اهڙي آرڊر بعد ملڪ رياض وٽ ملازمت ڪندڙ رٽائر فوجي آفيسرن جي اداري ۾ ڪو به فون کڻڻ يا ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري ملڪ رياض انتهائي مجبور ٿي ويو آهي. اهي به اطلاع آهن ته ملڪ رياض ملازم فارغ  ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جڏهن ته ميڊيا ۾ ويٺل ڪجهه صحافي به ملڪ رياض جي حمايت ۾ سرگرم آهن خاص طور نامياري صحافي جاويد چوڌري هڪ وي لاگ رڪارڊ ڪري اهو ثابت ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ملڪ رياض کان وڏو خدا ترس ۽ ولي الله ڪو ٻيونه آهي. هوڏانهن اهي به اطلاع اچي رهيا آهن ته ملڪ رياض دٻئي مان ڊجيٽل چينل شروع ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ ناليواري صحافي ڪامران خان جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، ان کان اڳ ملڪ رياض جناح اخبار خريد ڪئي هئي۽ ڪجهه وقت شايع ڪرڻ بعد بند ڪري ڇڏي پر اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي رهيل پگهارون  اڄ تائين نه ملي سگهيون، اهڙي طرح ملڪ رياض  آپ نيوز چينل خريد ڪيو ۽ بند ڪري ملازم بيروزگار ڪري ڇڏيا.  ملڪ رياض جو گهيرو تنگ ٿيڻ  بعد بحريا ٽائون جي پلاٽن جي قيمت به تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي. ان ڪري ڏيوالو ٿيڻ جا افواهه پکيڙي  وري انهن جي ترديد به ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير به هڻي رهيو آهي.

نگران حڪومت بحريا ٽائون خلاف فيصلي تي عمل ڪرائي: زين شاهه

ڪراچي (رپورٽر) ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه بحريا ٽائون بابت عوامي آواز ۾ لڳل خبر تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ دشمن منصوبي ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ملوث آهي، بحريا ٽائون جيڪا زمين حاصل ڪئي آهي اها سوين، هزارين ايڪڙ نه پر ديهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هي کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين به کنيو ويٺا آهن. هن چيو ته بحريه ٽائون معاملي تي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ نگران حڪومت ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائي. هن چيو ته پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ  جا بحريا ٽائون انتظاميا سان ڪنيڪشن رهيا آهن، ان وقت به احتجاج ڪرڻ تي سنڌ حڪومت دشمن ٿي بيٺي ۽ هن مهل تائين به بحريا ٽائون خلاف احتجاج ڪندڙ ڪوڙن ڪيسن ۾ لوڙهي رهيا آهن.

190 ملين پائونڊ ڪيس: ملڪ رياض سميت اهم جوابدار ٻاهرين ملڪ فرار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)  190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان، بشريٰ بي بي، فرح گوگي، شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ،ملڪ رياض، علي  رياض جوابدار آهن، هن ڪيس جا عمران ۽ بشريٰ بي کي ڇڏي  تقريبن سمورا جوابدار ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن، ملڪ رياض، شهزاد اڪبر ۽ زلفي بخاري ٻاهرين ملڪ آهن، اطلاع هئا ته علي رياض به پرڏيهه ۾ آهي، هن ڪيس ۾ فواد چوڌري، محمد ميان سومرو، فيصل واوڊا، زلفي بخاري، شيخ رشيد گواهي لاءِ سڏايا ويا، ٻن اڳوڻن ڪامورن احمد نواز سکيرا ۽ اعظم خان گواهي ڏئي چڪا آهن، هڪ وڏو وڪيل جيڪو عمران خان جي ماضي ۾ وڌيڪ ويجهو رهيو آهي اهو به عمران خان خلاف گواهي ڏئي چڪو آهي،

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بحريا آئيڪون ٽاور جي معائني جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بحريا آئڪون ٽاور ڪلفٽن بابت داخل آئيني درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  ۽ ٻين کي بحريا جي اڏاوت جو معائنو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نديم اختر جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ  دخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار سيد محمود اختر نقوي عدالت ۾ پنهنجو موقف ۽ درخواست پيش ڪئي.ٻڌڻي جي موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو وڪيل ڌڻي  بخش ۽ ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ ڪي ڊي اي جو وڪيل ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل  اسحاق کهڙو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار سيد محمود اختر نقوي عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جي 62 ماڙ بحريا آئيڪون ٽاور ڪلفٽن جو ڍانچو 35هين ماڙ کان ٽيڙو ٿي ويو آهي، سمنڊ جو پاڻي آئڪون ٽاور جي بيسمينٽ ۾ 4  ماڙ تائين پهچي ويو آهي، جيڪو  انتهائي خطرناڪ آهي جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي، درخواستگذار عدالت کان مطالبو ڪيو ته بحريا آئيڪون ٽاور ڪلفٽن جي فوري معائنو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کان جواب طلب ڪري سخت حڪم جاري ڪيو وڃي. بحريا آئيڪون ٽاور ڪلفٽن رهائشي پلاٽن، ميوزيم ۽ باغ ابن قاسم پارڪ ۽ اسڪول جي زمينن توڙي عبدالله شاهه غازي جي مزار ڏانهن ويندڙ ننڍين گهٽين تي قبضو ڪري ٺاهيو ويو آهي. درخواستگذار سيد محمود اختر نقوي جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ عدالت چيف سيڪريٽري، ايس بي سي اي ۽ ٻين کي بحريا آئيڪون ٽاور ڪلفٽن جو معائنو ڪري رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر سيد محمود اختر نقوي جوابدارن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست پڻ داخل ڪئي، جوابدارن جي وڪيل پاران عدالت ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي.عدالت درخواست تي جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. داخل ڪيل آئيني درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، سنڌ جي گورنر، نيب راولپنڊي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ نيب ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل کي ڌر بڻايو ويو آهي. گهرو وزارت جو سيڪريٽري سنڌ حڪومت، ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر جنرل، سيڪريٽري بلديات، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن بورڊ آف روينيو، ڊي جي ايس بي سي اي، ڊي جي ڪي ڊي اي، بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض.  بحريا ٽائون جي سي اي او علي رياض ملڪ، زين ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بحريا ٽائون سپر هاءِ وي ڪراچي ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل آئيني درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي چئن هفتي کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.