ورلڊڪپ: بي سي سي آءِ تي پچ تبديل ڪرڻ جو الزام، پاڪ-ڀارت ميچ ۾ به وڪيٽ مٽائي وئي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) تي آڱريون کڄڻ لڳيون آهن.
برطانوي ميڊيا بي سي سي آءِ تي نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ اڄ ٿيندڙ سيمي فائنل جي پِچ تبديل ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل اڄ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
برطانوي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ، آءِ سي سي جي اجازت کانسواءِ سيمي فائنل ميچ جي پِچ تبديل ڪيئ، ڀارتي بورڊ ورلڊ ڪپ دوران ٻه ڀيرا استعمال ٿيل پِچ هڪ ڀيرو وري استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
برطانوي ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت اسپنرن لاءِ سازگار پِچ جي چونڊ ڪئي ته جيئن سندن اسپنرن کي مدد ملي سگهي، ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ سيمي فائنل لاءِ پِچ نمبر ست استعمال ٿيڻي هئي جيڪا پهريان استعمال نه ٿي هئي.
ورلڊ ڪپ دوران پِچز ۽ ميچ شيڊيول جي نگراني ڪندڙ آءِ سي سي عهديدار اينڊي ايٽڪنسن پهريان به سيمي فئانل جي پِچ تبديل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي پر سبب ڄاڻائڻ کان پاسو ڪيو.
آءِ سي سي عهديدارن طرفان پنهنجي لاڳاپيل آفيسرن ڏانهن اُماڻيل اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ جيڪا نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ شيڊيول هئي اِها شيڊيول مطابق ٿي هئي پر ان کانپوءِ ٿيندڙ ٽن ميچن جي شيڊيول ۾ اڳواٽ اطلاع ۽ وضاحت جي ڦيرڦار ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ اِهو پڻ چيو ويو آهي ته 14 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ميچ جي وڪيٽ به تبديل ڪئي وئي، ايونٽ مئنيجر موجب، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ پِچ نمبر 7 تي ٿيڻي هئي پر اِها ميچ پِچ نمبر پنج تي کيڏي وئي.
برطانوي ميڊيا موجب، پِچ جي تبديلي آءِ سي سي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت ناڪ آئوٽ ميچن ۾ اڄ تائين نيوزيلينڊ کان ناهي کٽي سگهيو، خدشو آهي ته بي سي سي آءِ فائنل ميچ لاءِ احمد آباد اسٽيڊيم ۾ به ائين ڪري سگهي ٿو.
اينڊي ايٽڪنسن پنهنجي اي ميل ۾ خبردار ڪيو ته بي سي سي آءِ جي قدمن سبب اِهو سمجيهو ويندو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع جو فائنل آءِ سي سي جي پهرين ميچ هوندي جنهن جي پِچ خاص طور تي ميزبان بورڊ جي خواهش تي چونڊي ويندي يا مقابلو ڪرڻ واري ٽيم کي فيور ڏيڻ کانسواءِ تيار ڪئي ويندي.
ان ڏس ۾ جڏهن بي سي سي آءِ اختيارين سان رابطو ڪيو ويو ته سندن چوڻ هو ته اِها تبديلي گجرات ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي تجويزن تي ڪئي وئي جڏهن ته گجرات ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ائين هنن بي سي سي آءِ مئنيجمينٽ طرفان سڌي ريت مليل هدايتن تحت ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.