بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ جاءِ نٿي ٺهي: عبدالرزاق

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو آهي ته کيس اختيار ڏنو ويو ته هو بابر اعظم کي صرف ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائيندو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ورلڊ ڪپ سيمي فائنل جي حوالي سان اڳوڻن ڪرڪيٽرز عبدالرزاق، محمد عامر ۽ عماد وسيم گفتگو ڪئي.

عبدالرزاق چيو ته 2019ع ۾ سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان گڏ هيس ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم کٽيو هيو، جيڪڏهن نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ته کٽڻ جا چانس وڌيڪ آهن جڏهن ته ڀارت تي دٻاءُ آهي پر هو سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن.

پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان عبدالرزاق چيو ته جيڪڏهن کيس اختيار ڏنو ويو ته بابر اعظم کي صرف ٽيسٽ جو ڪپتان بڻائيندو، بابر جي ڪارڪردگي کي ڏسڻو پوندو، سندس ٽي ٽوئنٽي ۾ جاءِ نٿي ٺهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.