روهت شرما ۽ ويرات ڪوهليءَ جي لاڳاپن بابت ڀارتي ميڊيا وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ موجودا ڪپتان روهت شرما وچ ۾ سٺي تعلق جو سبب جئه شاهه کي قرار ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب، روهت شرما ۽ ويرات ڪوهليءَ وچ ۾ سٺي تعلق جو سبب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪريٽري جئه شاهه آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه ورلڊ ڪپ دوران ڀارتي ٽيم جي ڊريسنگ روم جو ماحول خوشگوار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ماضيءَ ۾ ڪوهلي کي ڪپتاني تان هٽائڻ کانپوءِ روهت ۽ ڪوهليءَ وچ ۾ تڪرار جون خبرون سامهون آيون هيون جنهن کانپوءِ ڪوهليءَ ڪيئي ڀيرا پنهنجي بيانن ۾ تڪرار جي ترديد ڪئي هئي.

ورلڊ ڪپ دوران روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي ميدان جي اندر ۽ ٻار خوشگوار موڊ ۾ ڏٺو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.