روهت شرما ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو .

ورلڊ ڪپ 2023ع جي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ خلاف بيٽنگ ڪندي ڀارتي ڪپتان ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر جو اعزاز حاصل ڪيو.

نيوزيلينڊ خلاف سيمي فائنل مقابلي ۾ ڀارتي ڪپتان جا ورلڊ ڪپ دوران پنجاهه ڇڪا مڪمل ٿي ويا.

روهت شرما ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو
روهت شرما ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو

روهت شرما 27 اننگز ۾ 50 ڇڪا هڻي سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي ان سان گڏوگڏ هن اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ڪرس گيل کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

يونيورس باس 34 اننگز ۾ 49 چڪا هڻي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽرز جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي.

نيوزيلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ روهت شرما 47 رنسن جي تيز اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.