سپريم ڪورٽ فيصلي خلاف سينيٽ جي ٺهراءُ ۾ ” جي ايڇ ڪيو“ جي ٻولي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليواري وي سينيئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته  دلاور خان وڏو مالدار ماڻهو آهي، سينيٽ ۾ هن جو دلاور گروپ وڏو مشهور آهي ، چيئرمين سينيٽ جي به وڏي خواهش آهي ته اسٽيبلشمينٽ هن مان خوش رهي.

اجلاس  ختم ٿي رهيو هو ته هن سينيٽر دلاور خان کي چيو ته خبر پئي آهي ته توهان قرارداد آندي آهي، انگريزي ۾ لکيل ٺهراءُ دلاور خان پڙهي ٻڌائي، خبر پئجي رهي هئي ته اها قرارداد هن پاڻ ناهي ٺاهي، سينيٽر مشتاق احمد ٽوڪ ڪندي چيو ته اها” جي ايڇ ڪيو “ جي انگريزي لڳي ٿي، الميو اهو آهي ته سينيٽ ۾ موجود پي ٽي آءِ جي ميمبرن ان ٺهراءُ جي مخالفت نه ڪئي.

ڪالهه به جڏهن ان ٺهراءُ جي رضا رباني ۽ ٻين پاران مخالفت ٿي رهي هئي ته پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي جيئن ان ٺهراءُ تي ڪا ڳالهه ئي نه ٿئي، اعزاز سيد چيو ته نيب اين سي اي معاهدي جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 15 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.