حيدرآباد: قومپرست اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر مان عورت قومپرست اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جو فليٽ مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، نسيم نگر واري علائقي ۾ قومپرست اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قومپرست اڳواڻ جو لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو آپگهات آهي يا قتل جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.