ڊي سي ڏکڻ ڪراچي جي هدايت تي وڌيڪ اگهه وٺندڙن ۽ ذخيري اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي سي ڏکڻ ڪراچي جي هدايتن تي وڌيڪ اگهه وٺندڙن ۽ ذخيري اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ پرائز ڪنٽرول ٽيمن تي ٻڌل آفيسرن اگهن تي ضابطي جي حوالي سان اڄ به سرگرميون جاري رکيون.
ڏکڻ ڪراچي جي مختلف سب ڊويزن ۾ سرڪاري اگهن تي طئي ٿيل شيون وڪرو نه ڪرڻ تي 24 دڪاندارن تي 275000 رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ڏنڊ ڪراچي ڏکڻ جي سب ڊويزن سول لائنز، صدر، گارڊن، آرام باغ ۽ لياري ۾ مختلف دڪانن تي لاڳو ڪيو ويو.
ڊي سي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪندي چيو اسان جو مقصد شهرين کي مقرر اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي.
هن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي منافعي خورن خلاف قانون موجب ڪارروائين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.