واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان سان ڊيل جي گهڻو ويجهو آهيون.
آمريڪي رسالي بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي ڪرسٽالينا جارجيوا ٻڌايو ته پاڪستاني اختياريون انتهائي مشڪل حالتن ۾ پروگرام تي عمل ڪري رهيون آهن، جڏهن ته پاڪستان سان ڊيل جي گهڻو ويجهو آهيون.
هن چيو ته پاڪستان جو اهم مسئلو ٽئڪس جو آهي، ملڪ ۾ جي ڊي پي جو رڳو ٻارنهن سيڪڙو ٽئڪس گڏ ڪيو ويندو آهي جنهن کي اسان پندرنهن سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ نوَ ڏهائي 415 ارب جو ساليانو ٽئڪس هدف برقرار رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ مني بجيٽ نه ايندي.