بلاول ننڍي ڀاءَ جيان آهي، الزام بازي بدران پختي سياست ڪرڻي پوندي: شهباز شريف

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءَ جيان آهي اسان 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، اسان کي پختي سياست ڏانهن وڌڻ گهرجي ڇو ته روئڻ پٽڻ ۽ الزام بازي مان ڪجهه نه ورندو.

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان کي گڏجي صوبي کي خوشحال بڻائڻو آهي ۽ گڏجي معاشي ۽ معاشري جا مسئلا حل ڪرڻا آهن.

هن چيو ته نواز شريف جي بلوچستان جي ترقي لاءِ عملي ڪاوشون قوم جي سامهون آهن، سندس دور ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو جڏهن ته گذريل حڪومت جي چار سالا دور ۾ تباهي ۽ بربادي ٿي.

هن چيو ته لشڪري رئيساڻي کي ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ آيو آهيان، سندس شموليت سان پارٽي مضبوط ٿيندي، سياسي اڪابرن مسلم ليگ نون ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، بلوچستان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، مان تمام گهڻو مطمئن آهيان.

شهباز شريف جو چوڻ هوته سردار اياز  ۽ شيخ جعفر مندوخيل، لشڪري رئيساڻي سان ويهي معاملا حل ڪندا، بلوچ، پشتون، سيٽلرز ۽ هزارا برداري جي ماڻهن جون صوبي ۾ وڏيون خدمتون آهن، نواز شريف جي ڏهاڪن کان پختي سوچ آهي ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته جنهن کي عوام وزيراعظم چونڊيندي قوم ان کي قبول ڪندي، بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءَ جيان آهي، 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، گڏيل حڪومت جي مشاورت سان فيصلا ٿيندا هئا، ناڪاري ڳالهه اِها هئي ته فيصلن ۾ دير ٿيندي هئي.

هن چيو ته اسان کي پختي سياست ڏانهن وڌڻ گهرجي، روئڻ پٽڻ ۽ الزام بازي مان ڪجهه نه ورندو، مناسب ڳالهه اِها آهي ته اسان سڀني کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، سڀ تجزيو ڪن ڪٿي غلطيون ٿيون.

اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، اسان جي سياست کي نقصان پهتو، رياست بچي وئي ۽ سياست به بچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.