اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي مڙس سان اڪيلائي ۾ ملاقات لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي اِها درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالتي حڪمن تي هر اڱاري تي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات جي اجازت آهي پر جيل اختيارين جي موجودگيءَ ۾ ملاقات سبب گهريلو معاملن تي ڳالهه ٻول ناهي ٿي سگهندي.
بشريٰ بي بي پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل کي منهنجي مڙس سان اڪيلائي ۾ ملاقات لاءِ حڪم ڏنو وڃي.