قومي ڪرڪيٽر امام الحق شادي جي تيارين سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچن لاءِ لڳڻ واري ٽريننگ ڪئمپ جو حصو نه هوندو.
ذريعن موجب، آسٽريليا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ڪيمپ راولپنڊي ۾ 24 کان 27 نومبر تائين لڳندي پر امام الحق جي شادي جون تقريبون 25 کان 26 نومبر تي شيڊيول آهن جنهن سبب هو ٽريننگ سيشن ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
امام الحق جو نڪاح 25 نومبر ٿيندو جڏهن ته ٻئي ڏينهن لاهور ۾ وليمي جي تقريب ٿيندي جنهن ۾ قومي ٽيم جا رانديگر ۽ ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون.