آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، نگران حڪومت عوام کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري نگران وزير شمشاد اختر آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين.
شمشاد اختر آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي چيو ته عوام تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين ۽ ٽيڪس هدف 9415 ارب رپيا ئي رهندو.
هن چيو ته وفاقي حڪومت خرچن ۾ بچت واري پاليسي اختيار ڪندي، آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي ته خرچن ۾ گهٽتائي سان بجيٽ خسارو قابو ۾ رکنداسين.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، آءِ ايم ايف کي نگران حڪومت جي قدمن تي مڪمل يقين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.