سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ڪڏهن ٿيندا؟ شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري نگران وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرئين هفتي ۽ انٽر جا امتحان مئي جي آخري هفتي کان شروع ٿيندا.
سنڌ جي تعليم واري نگران وزير جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ تعليمي سال جي شروعات، امتحانن جي شيڊيول، موڪلن ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، ذيلي ڪميٽي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال 15 اپريل ۽ ڪاليجن ۾ نئون تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو، جڏهن ته سياري ۽ گرمي جي موڪلن جو پراڻو شيڊيول برقرار رهندو.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرئين هفتي ۽ انٽر جا امتحان مئي جي آخري هفتي کان شروع ٿيندا، جڏهن ته ميٽرڪ جا نتيجا 31 جولاءِ ۽ انٽر جا نتيجا آگسٽ جي ٻئي هفتي تائين جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.