ايندڙ سال حج جو ارادو رکندڙن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، ايندڙ سال لاءِ حج خرچ گهٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين ڊالر مهانگو ٿيڻ باوجود حج خرچن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته گذريل سال جي حج خرچن ۾ هڪ کان ڏيڍ لک تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
ٻيهر منظوري لاءِ نظرثاني ٿيل حج پاليسي وفاقي ڪابينا کي موڪلي وئي آهي، سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاليسي جي منظوري جو به امڪان آهي.
نظرثاني ٿيل پاليسي ۾ پرائيويٽ حج ٽور آپريٽرز جي مطالبي تي ٻن ترميمن جي شموليت ڪئي وئي آهي، 80 سالن کان وڌيڪ عمر جي پانڌيئڙن کي هڪ مددگار سان گڏ وڃڻ جي اجازت هوندي، پاليسي تحت 10 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي حج تي وڃڻ جي اجازت هوندي.
سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون هلندڙ مهيني کان وصول ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل سال حج پانڌيئڙن کان 11 لک 75 هزار رپيا وصول ڪيا ويا هئا، ان جو وڏو سبب ڊالر جي قدر ۾ غير معمولي واڌ هئي.
You might also like