ايشوريا راءِ جي شخصيت تي تبصرو، عبدالرزاق تي ڇتي تنقيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آل رائوندر عبدالرزاق کي بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بابت ڪيل تبصرو مهانگو پئجي ويو، سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿيڻ بعد کيس ڇتي تنقيد جونشانو بڻايو پيو وڃي

گذريل ڏينهن 2009ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم جي ميمبرن هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرزاق تازو عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو .

ان موقعي تي عبدالرزاق چيو ته اسان کي ٻه هزار نوَ ۾ ڄاڻ هئي ته يونس خان جي نيت صاف آهي، جنهن اسان کي اتساهه ڏنو.

ان دوران عبدالرزاق هڪ مثال پيش ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي سوچ ايشوريا راءِ سان شادي ڪرڻ هجي ۽ ۽ سندس ڪُک مان نيڪ پرهيزگار ٻار ٿيڻ جي اميد  ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو.

عبدالرزاق جي اهڙي قسم جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا واهيپدار کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.