متحده پاران سنڌ ۾ وڌيڪ يونٽ ٺاهڻ جو مطالبو، اهڙو ڪو به مطالبو سامهون ناهي آيو: نواز ليگ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ نواز ليگ طرفان ڪراچي  ۾ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي،نواز ليگ چيو آهي ته سنڌ ياترا جو مقصد واضح آهي ته اسان سياسي توڙي سماجي رابطا بحال ڪرڻ آيا آهيون،مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪنهن کي به مائنس ڪرڻ ن ليگ جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي، اسان انهن سمورن ماڻهن جا شڪر گذار آهيون جن کي يقين ٿي ويو آهي ته  نواز شريف ئي وزيراعظم بڻجندو. خواجا سعد رفيق ۽ اياز صادق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  جي يو آءِ اڳواڻن ۽ پير پاڳاري سان 8 فئبروري تي ٿيندڙ چونڊن بابت ڳالهيون ٿيون، پاڳاري سان طئي ٿيو ته اڳتي به رابطا جاري رکيا ويندا، هنن چيو ته جي ڊي اي سان اتحاد ڪهڙي سطح  جو هوندو ان بابت وقت اچڻ کان پوءِ خبر پوندي، سنڌ ۾ وڌيڪ يونٽ ٺاهڻ بابت ايم ڪيو ايم اهڙو ڪو به مطالبو ناهي رکيو، ن ليگ جي وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد جو دورو ڪيو،وفد ۾ اياز صادق، خواجه سعد رفيق، بشير ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، وفد ايم ڪيو ايم قيادت کي  پارٽي سربراهه  نواز شريف جو  پيغام پهچايو،ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ سنڌ ۾ نئين صوبي سان گڏ آئيني ترميمون به شامل آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.