ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم جي خلاف طاهر پلازه سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جاچ آفيسر ۽ سرڪاري وڪيل شاهدن کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا .عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شاهدن جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ،عدالت ۾ سعيد ڀرم سميت ٻين کي پيش ڪيو ويو .سينٽرل جيل اختيارين پاران رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعيد ڀرم سزايافته جوابدار آهي .هو پنهنجي سزاجي ڪري جيل ۾ آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي سعيد ڀرم،عمران سعيد ،فيصل جاويد عرف ماما گرفتار آهن