سائنسدانن هن مجسمي جو صديون پراڻو راز ڄاڻي ورتو

قاھرا (ويب ڊيسڪ) صديون پراڻا مصر جا اهرام عرصي کان ماڻهن ۽ سائنسدانن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.
هزارين سال پراڻن مصر جي اهرامن بابت اڃا به گھڻو ڪجهه خبر ناهي پئجي سگھيو ۽ ان کي ڄاڻڻ لاءِ لاڳيتو تحقيقي ڪم ٿيندو رهندو آهي.
گيزا جي عظيم هرم سان گڏوگڏ ابو الهول جو مجسمو عرصي کان سائنسدانن لاءِ ڳجهارت بڻيل آهي جيڪي هن وقت تائين نه پيا سمجهي سگھن ته هزارين سال اڳ ايترو وڏو مجسمو ڪيئن تعمير ڪيو ويو.
هاڻي سائنسدانن ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ڄاڻي ورتو آهي ته ساڍا 4 هزار سال اڳ ابو الهول جي تعمير ڪيئن ممڪن ٿي.
ڏهاڪن کان ماهر ان خيال تي متفق هئا ته ابو الهول جي ان مجسمي جو چهرو پٿرن جي اوزارن سان تراشيو ويو هو، پر اهي اهو نه سمجهي سگھيا هئا ته ان جو ايترو وڏو جسم ڪيئن تيار ڪيو ويو.
نيويارڪ يونيورسٽي جي هڪ تحقيقي ۾ ان جو امڪاني جواب ڏنو ويو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اها شڪ صدين کان رڻ ۾ گھلندڙ تيز هوائن سبب ٺهي آهي.
محققن موجب ليبارٽري تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته تيز هوائن سان پٿرن ۾ ابو الهول جهڙي شڪل جو ٺهڻ ممڪن آهي.
پر هنن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو عظيم مجسمو مڪمل طور تي قدرت ناهي تراشيو پر ان ۾ آيل تبديلين کي قديم مصرين جي مجسمي جي شڪل ڏني.
ان تحقيق لاءِ هنن چوني تي ٻڌل ماڊل ڀتيون تيار ڪيون ۽ انهن کي پاڻ جي تيز وهڪري سان ڌوتو.
ابو الهول جي مجسمي ۾ موجود جُزن جو خيال رکندي انهن ماڊلز لاءِ نرم چوني کي استعمال ڪيو ويو ۽ پاڻي جي وهڪري سان انهن ماڊل ۾ شينهن جهڙي شڪل ٺهڻ شروع ٿي وئي.
محققن موجب رڻ ۾ تيز هوائن سبب اهڙين ڀتين ۾ قدرتي طور تي ڪنهن جانور جي ويٺل يا ستل هجڻ جهڙي شڪل بڻجي ويندي آهي.
ابو الهول جو مجسمو گھڻو پراسرار سمجهيو ويندو آهي 20 ميٽر ڊگھي ان مجسمي کي چوني جي هڪ ڀت کي تراشي ڪري تيار ڪيو ويو.
1981ع ۾ ارضيات (زمين) جي ماهر فاروق الباز خيال ظاهر ڪيو هو ته ابو الهول جي مجسمي جي تعمير ۾ تيز هوائن مک ڪردار ادا ڪيو هو.
هاڻي نئين تحقيق جي نتيجن ان خيال کي هٿي وٺرائي آهي.
محققن موجب نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته ابو الهول جهڙي شڪل اهڙين حالتن ۾ ٺهي سگھي ٿي.
پر هنن تسليم ڪيو ته اڃا به ان سوال جو جواب خبر ناهي پئجي سگھيو ته مجسمي جو ڪيترو حصو قدرتي آهي ۽ ڪيترو انسانن تيار ڪيو آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي تحقيق ۾ اهو خيال ظاهر ڪيو ويو آهي ته مٿي، منڍي ۽ پنجن جي گھڻي حصي کي قدرتي تراشيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.