غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري، وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻين ڪاررواين دوران وڌيڪ 306 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا.
فلسطين جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيدن ٿيلن جو گڏيل انگ 10 هزار 328 ٿي ويو آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي ڪاررواين دوران 78 عورتون ۽ 139 ٻار شهيد ٿيا.
گڏيل طور تي غزا ۾ هيل تئاين 2719 عورتون ۽ 4237 ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت ٻڌايو ته 25 هزار 965 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن.
بيان موجب اسرائيل جن رستن کي ماڻهن جي نڪرڻ لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي آهي موت جا رستا بڻجي چڪا آهن ۽ اسرائيلي فوج انهن رستن کي بي گھر فسلطينين لاءِ ڄار جي طور تي استعمال ڪري رهي آهي.
بيان ۾ گڏيل قومن ۽ ريڊ ڪراس سوسائٽي کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته طبي مرڪزن ۽ ايمبولينسن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته اسرائيل کي اسپتالن تي ڌماڪن کان روڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.