اسٽاڪ ايڪسچينج نئين بلند ترين سطح تي، انڊيڪس 54 هزار جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ پهريون ڀيرو 54 هزار جي حد پار ڪري ويو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 54 هزار ٿيو، 100 انڊيڪس پنهنجي بلندي جي نئين تاريخ 54 هزار 312 رڪارڊ ڪئي پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي 124 پوائنٽس گهٽتائي سان 53 هزار 735 تي ٿي.
اهڙي ريت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 ڏينهن کان جاري هاڪاري ڪاروبار جي پڄاڻي جي لهر ستين ڏينهن ٽٽي وئي.
بازار ۾ اڄ 50 ڪروڙ 60 لک شيئرز جا سودا 18 ارب 25 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 21 ارب رپيا گهٽجي 7 هزار 748 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.