ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف سان ذاتي تعلق آهي، گهرائيندو ته هليو ويندو.
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب جي هوندي حڪومت جو نظام نٿو هلي سگهي، اهو واحد ادارو آهي، جنهن جو مقصد رڳو سياستدانن جو احتساب ڪرڻ آهي.
هن چيو ته پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، ڪنهن مشاورت ۾ شامل ناهيان ٿيندو، جڏهن ته نواز شريف سان ذاتي تعلق آهي، هو جڏهن گهرائيندو هليو ويندس.
You might also like