ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ مختلف سيٽن تي اڄ ضمني مڪاني چونڊ

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ 5 ضلعن جي مختلف سيٽن تي اڄ مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن.ملير،  ڪياماڙي،  سينٽرل، اوڀر ۽ ڏکڻ ضلعي ۾ چيئرمين توڙي وائيس چيئرمينن جي سيٽن تي چونڊ ٿيندي. پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا اميدوار ميدان تي لٿل آهن جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن تي سامان پهچايو ويو آهي. ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ 121 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 42 انتهائي حساس ۽ 79 حساس آهن. ملير ضلعي ۾ 46، اوڀر 3 ۽ ڪياماڙي ضلعي ۾ 17 سينٽرل  ۾ 7 پولنگ ۽ ڏکڻ ضلعي ۾ 48 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. ڊي سي ڏکڻ رٽائرڊ ڪئپٽن الطاف حسين ساريو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ ضلعي ۾ 48 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. ڊي آر او ڏکڻ عذرا مهيسر چيو ته صدر ٽائون ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ 22  اميدوارن حصو ورتو آهي. پولنگ عمل صبح 8 کان شام 5 بجي تائين جاري رهندو. پولنگ جي بوٿ ۾ موبائل کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. رٽرننگ آفيسر ڏکڻ چيو ته مڪاني چونڊن جو سامان پولنگ اسٽيشنن تي پهچايو ويو آهي. جڏهن ته ڪنهن نه اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.