ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ناظم آباد نمبر 3 محمدي شير مال جي ڀرسان گھر مان ھڪ شخص رضوان ولد پرويز جو گوليون لڳل لاش مليو آهي اطلاع ملندي واقعي واري جاءِ تي پوليس پھچي لاش ڪارروائي جي لاءِ ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪري واقعي بابت جاچ شرو ڪري ڏني آهي.
-
صحافي غلام حسين اي آر واءِ تان فارغ، پروگرام بند
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) صحافي چوڌري غلام حسين کي اي آر واءِ فارغ ڪري ڇڏيو، نامياري صحافي اسد علي طور موجب چوڌري غلام حسين نوڪري بچائڻ لاءِ نواز شريف کي به معاف ڪرڻ لاءِ ڪيترائي پيغام اماڻيا آهن، پر کيس ڪو به جواب نه مليو آهي، جنهن بعد پاڻ ئي چوڌري غلام حسين ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو آهي ته سندس پروگرام بند ڪيو ويو آهي ۽ اي آر واءِ کيس فارغ ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته عمران خان دور ۾ هو وڏو صحافي بڻيل هو ۽ مختلف ادارن ۽ سياسي پارٽين جون مخبريون ڪندو رهيو آهي.
-
تاريخ ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي، شفاف ۽ آزاد چونڊون ضروري آهن: فرحت الله بابر
اسلام آباد (م ڊ ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سٺو سنئوڻ آهي، بهتر هو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿي وڃن ها. اليڪشن ڪميشن ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي فرحت الله بابر چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فوري طور سڀني سياسي جماعتن جو اجلاس گهرائي کين هڪ پيج تي آڻڻو پوندو . هن چيو 2018 جي چونڊن ۾ اسان ڏٺو ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي، رڳو تاريخ ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي، صاف شفاف ۽ آزاد چونڊون ضروري آهن. سندس چوڻ هو ته سڀني سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جيڪڏهن سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ نٿي ملي ته چونڊون شڪي هونديون ۽ جيڪا پارليامينٽ ٺهندي، اها عوام جي نمائندگي نه ڪندي. فرحت الله بابر چيو ته پرامن چونڊون ڪرائڻ وڏي ذميواري آهي، جيڪو ڪم اليڪشن ڪميشن اڪيلي سر نٿي ڪري سگهي، سڀني سياسي پارٽين، سول سوسائٽي نمائندن ۽ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.