افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي ۽ خطي ۾ پيدا ٿيل سنگين صورتحال جي پسمنظر ۾ ڪافي دوستن ان سڄي معاملي تي لکڻ لاءِ چيو.افغان پاڪستان ۽ خطي جي صورتحال تي لکڻ کان پهريان مان ضروري سمجهو ته سنڌ ۾ افغان پناهگيرن ۽ ڌاري آبادڪاري جي فوري نوعيت جي سوال تي انقلابي نقطي نظر سان لکجي .هن مضمون ۾ منهنجو مقصد ان سوال جي نظرياتي پهلو کي واضع ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ ته جيئن جيئن افغان پناهگيرين جو سوال شدت اختيار ڪندو ٿو وڃي ،جيئن سنڌ اندر روزاني جي بنياد تي افغان پناهگيرن پاران تشدد جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن تئين ان سوال بابت مختلف نقطي نظر سامهون اچي رهيا آهن.
هڪڙي پاسي ته سنڌ مان افغان پناهگيرين خلاف مجموعي ردعمل جي ڪيفيت پيدا ٿي رهي آهي جيڪو مجموعي طور جائز آهي پر ڪٿي ان ۾ نفرت ۽ ڪٿي رياستي ٻولي جو به عنصر موجود آهي خاص ڪري جڏهن سموري افغانين ۽ پشتونن کي دهشتگرد ۽ منشيات فروش قرار ڏنو وڃي ٿو.پر مجموعي طور ان ردعمل جو تاريخي بنياد آهي .اهو بنياد 73 سالن کان سنڌ جي ڊيموگرافي تي حملو ۽ اصلوڪي سنڌين کي لاحق وجودي خطرو آهي.
اسريل آزاد سرمائيدار ملڪن اندر ٻاهرين آبادڪاري سرمائيداري جي سستي پورهئي جي ضرورت ڪري ٿيندي آهي يا انهن ملڪن پاران ڪيل سامراجي جنگن جي نتيجي ۾ جنگزده ملڪن جي آبادي انهن سامراجي ملڪن اندر پناهگير ٿيندي آهي .نتيجي ۾ اتان جا ترقي پسند ٻاهرين آبادي خلاف اٿندڙ آواز تي تنقيد ڪندي ۽ پناهگير آبادي سان همدردي ڪندي پنهنجي رياستن ۽ سرمائيداري تي تنقيد ڪندا آهن جيڪي پهرين مرحلي ۾ ٻاهرين آبادڪاري جون ذميوار هونديون آهن.جيڪڏهن پاڪستان به هڪ اسريل سرمائيدار ملڪ سان گڏ هڪ قوم آهي ته پوءِ عاصم سجاد اختر جهڙن دانشورن جي ڳالهه کي مڃي سگهجي ٿو پر پاڪستان خود هڪ جديد بيٺڪيتي گهڻ قومي رياست آهي جتي قومون هڪ قيد ۾ آهن ،انهن قومن اندر ٻاهرين آبادڪاري صرف سستي پورهئي يا سامراجي جنگن جي مجموعي منطق جي ڪري نٿي ٿئي پر شعوري طور هن رياست پاران انهن قومن جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪرائي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ جي جنگي حڪمت عملي سبب افغاني پناهگير ٿين ٿا (جن سان اسان جي ان معاملي ۾ همدردي آهي) ته انهن کي به شعوري طور مظلوم قومن ڏانهن موڪلي انهن جي ڊيموگرافي تي وار ڪيو وڃي ٿو.اهو هڪ نج سيٽلر ڪالونيلزم آهي.ان ڪري فينن چئي ٿو ته “بيٺڪيتن اندر معاشي بيس ساڳي وقت سپراسٽرڪچر آهي ” يعني بيٺڪيتي رياستن جون قبضي جون شعوري ڪوششون غلام قومن جي بيهڪ جي تشڪيل ۾ وڌيڪ طئي ڪندڙ محرڪ آهن.يورپ جي برعڪس جتي پهريان سرمائيداري آئي ۽ پوءِ قومي رياست جي تشڪيل ٿي ،بيٺڪيتن اندر سرمائيداري خود بيٺڪيتي رياست جي ذريعي تشڪيل ٿي.بيٺڪيتي رياست ڪلاسيڪل سرمائيداري رياست کان مختلف لقاءَ آهي.
فينن جي ان ئي منطق کي جيڪڏهن سنڌ اندر ڌاري آباد ڪاري جي سوال تي لاڳو ڪجي ته ڳالهه آسان ٿي ويندي.سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري جي تاريخ کي پڙهجي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي شروعات جا سبب بيٺڪيتي رياست پاران سنڌ ۾ لوڪل مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ هئا ۽ سنڌ ۾ سيٽلر ڪالونيلزم قائم ڪرڻ هو .
سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو 1890ع ۾ جمڙائو ڪينال جي تعمير سان ٿيو جتي چار هزار ايڪڙ بگٽين ۽ پنجابن کي ڏني وئي .ان جو سبب پهرين حر مزاحمت هئي.ان حوالي سان “لمبرڪ پيپرز” پڙهڻ لازمي آهن جن ۾ اهو واضع آهي ته پهرين ۽ ٻين حر مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ درياهه جي اوڀر واري پاسي سانگهڙ ،ميرپوخاص ،نوابشاهه جي ڪيترن علائقن ۾ ڌاريا آباد ڪيا ويا.ان کانپوءِ خود 19هين وهين صديءَ ۾ ڪراچي پورٽ ۽ شهر جي تعمير کانپوءِ انگريزن سنڌي هندو واپاري جي رستا روڪ ڪري ٻين قوميتن ۽ گروهن جي واپارين خاص ڪري گجراتين کي اسپيس ڏني.ان باوجود به ورهاڱي تائين ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ وڏي اڪثريت سنڌين جي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هٿ وٺي سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪيو ويو.ڇا ورهاڱي جي هڪ سال کانپوءِ هڪ ملين پناهگيرن کي سنڌ جي شهرن ۾ ڪنسٽريٽڊ ڪري آباد ڪرڻ ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي عمل پويان ڪو نج سرمائيدارڻو معاشي منطق ۽ سستي پورهئي جي گهرج يا ڪا سامراجي جنگ هئي يا قومن جي انڪار تي بيٺل ۽ قومن جي وسيلن کي وڪڻي مسواڙ ڪمائيندڙ پاڪستاني رياست جو سيٽلر ڪالونيل منصوبو هو جيڪا اصلوڪي قوم کان شهر ڦرڻ چاهي پئي ؟ .ڇا ون يونٽ جي دور ۾ ڪوٽري بيراج مان سيراب ٿيندڙ ست لک ايڪڙ زمين ۽ گڊو بيراج مان 11 لک ايڪڙ زمين جيڪا ڌارين ۽ عسڪري آفيسرن کي ڏني وئي اها ڪنهن سستي پورهي جي ضرورت يا ڪنهن جنگي آفت مان آيل ماڻهن جي ضرورت تحت ڏني وئي ؟
اسان اهو نٿو چئون ته برمي يا خاص ڪري افغان پناهگير ۽ پشتون سامراجي جنگن جا ستايل ڪونهن ۽ انهن جي دربدري جي ذميوار هن رياست جي حڪمت عملي ڪونهي .اسان کي عام افغان ۽ پشتون سان ان حوالي سان همدردي آهي پر هن رياست ۾ سنڌي قوم به بيٺڪيتي سرشتي ۾ موجود آهي جنهن جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ انهن ستايل پناهگيرن کي شعوري طور ڪنسٽيرٽڊ انداز ۾ سنڌ ڏانهن منهن ڪرايو پيو وڃي.هن وقت به افغان مهاجرن جو 56 سيڪڙو سنڌ ۾ آهي (جيتوڻيڪ سرڪاري انگ اکرن ۾ ڦير ڦار ذريعي سنڌ ۾ ريشو گهٽ ٻڌايو ويندو آهي ) ۽ ان سان گڏ لکين برمي بهاري پڻ موجود آهن.ان ڪري اسان جو ڌاري آباد ڪاري متعلق ڪو به نسل پرستاڻو موقف ناهي .اسان هن رياست کي ئي ذميوار سمجهي مطالبو ڪيو ٿا ته سنڌ وطن ۾ سنڌي قوم جو حق تسليم ڪيو وڃي،هر ٻاهرين مزدور کي ريگيوليٽ ڪري انهن کي ورڪ پرمٽ ڏئي انهن جي ووٽ ڏيڻ ۽ پراپرٽي خريد ڪرڻ تي پابندي مڙهي وڃي ۽ افغان پناهگيرن سميت غير ملڪين کي عزت سان پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي يا عالمي قانون تحت انهن کي بارڊر ايريا ۾ ريفيوجي ڪيمپن ۾ رهايو وڃي .اسان به ڪشمير جهڙو سنڌ لاءِ اسٽيٽس گهرون ٿا جنهن ڪشمير ۾ 35 اي آرٽيڪل ختم ٿيڻ تي عاصم سجاد جهڙا ترقي پسند اسلام آباد لاهور ۾ خوب احتجاج ڪندا آهن.
آخر ۾ جيستائين پاڪستان ۾ مختلف قومن جي وچ ۾ هم آهنگي جو سوال آهي ته اها صرف گرامچي جي اصطلاح ۾ “جزوي نفي” جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي.جيڪڏهن اسان سنڌ جا ترقي پسند پنهنجي قوم جي حڪمران طبقي تي سخت تنقيد ڪندي ان جي مخالفت ڪيو ٿا ائين ئي پشتون ترقي پسندن کي جزوي نفي ڪندي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته افغان جنگن ۽ افغاني ۽ پاڪستاني پشتونن جي دربدري جي ذميوار جتي اسٽيبلشمنٽ آهي اتي اهو پشتون حڪمران به آهي جنهن 60 واري دور کان وٺي رياست سان ڪمپرومائز ڪئي ،افغان جنگن ۾ خاموشي اختيار ڪئي ۽ پاڪستان جي حڪمران بلاڪ ۾ جڳهه ورتي.ان تاريخي غداري سبب هن جي جنگ تي هلندڙ معيشت کي سنڌ ۾ سرپرستي حاصل آهي.پشتون ترقي پسندن کي سنڌ ۾ نسل پرست پشتون سياست کان الڳ ٿي ڪري سنڌ کي سنڌي قوم جو وطن تسليم ڪرڻو پوندو.اهو ئي پنجاب ۽ ٻين قومن جي ترقي پسندن تي لاڳو ٿئي ٿو.۽ اها جزوي نفي پاڪستان ۾ ڪنهن گهڻ قومي اتحاد جو بنياد بڻجي سگهي ٿي.
اسان جو ڌاري آباد ڪاري متعلق ڪو به نسل پرستاڻو موقف ناهي .اسان هن رياست کي ئي ذميوار سمجهي مطالبو ڪيو ٿا ته سنڌ وطن ۾ سنڌي قوم جو حق تسليم ڪيو وڃي،هر ٻاهرين مزدور کي ريگيوليٽ ڪري انهن کي ورڪ پرمٽ ڏئي انهن جي ووٽ ڏيڻ ۽ پراپرٽي خريد ڪرڻ تي پابندي مڙهي وڃي ۽ افغان پناهگيرن سميت غير ملڪين کي عزت سان پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي يا عالمي قانون تحت انهن کي بارڊر ايريا ۾ ريفيوجي ڪيمپن ۾ رهايو وڃي .اسان به ڪشمير جهڙو سنڌ لاءِ اسٽيٽس گهرون ٿا