پرڏيهين بابت ميڊيا تي غلط فهميون پکيڙيون پيون وڃن: جليل عباس

اسلام آباد(م ڊ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني حڪومتي فيصلي تي پيدا ٿيل خدشن کي وڏي غلط فهمي قرار ڏيندي ان کي خاص طور تي ميڊيا جو ڪم قرار ڏنو.ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ميڊيا کي حقيقي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، مان صرف ايترو چوندس ته افغان پناهگيرن جي اڪثريت جن وٽ رجسٽريشن ڪارڊ آهن، انهن کي ملڪ بدر نه ڪيو پيو وڃي، جن وٽ دستاويز ناهن انهن کي پنهنجي وطن واپس وڃڻ لاءِ چيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.