اسلام آباد(بيورو+م ڊ) گهرو وزارت غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي رضاڪاراڻه واپسي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن مطابق هن وقت تائين هڪ لک 40 هزار 322 پرڏيهي واپس وڃي چڪا آهن. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق پهرين نومبر کان غيرقانوني طور تي موجود پرڏيهين کي انهن جي ملڪن ڏانهن واپس موڪلڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. رضاڪارانه طور پرڏيهين جي واپسي جي هاڻي به آجيان ڪئي ويندي. پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس ويندڙ يا ڊي پورٽ ٿيڻ وارن کي باعزت طريقي سان موڪليو پيو وڃي. کين کاڌو، ميڊيڪل جي سهولت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي.