فاطمه ڪيس: چالان جي رپورٽ عدالت ۾ پيش

خيرپور(س ر)فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس، واقعي جا مک جوابدار پير اسد شاهه، پير فياض شاھ، حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي خيرپور جي دھشتگردي  جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيا ويا واقعي جي جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ جوابدار پير فياض شاھ، پير اسد شاهه، امتياز ميراثي ۽ حنا شاھ کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو،شهيد فاطمه ڦرڙو جي والدہ شبنم خاتون ۽ والد نديم ڦرڙو به عدالت پهتا، جڏھن ته عدالت ۾سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت پڻ سخت ڪيا ويا جاچ آفيسر پاران جوابدارن جي چالان جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي عدالت جاچ آفيسر کي ڪيس جي چارج شيٽ ھڪ ھفتي ۾ جمع ڪرائڻ ۽ چالان پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن کي جيل ڪسٽڊي برقرار رکڻ جو حڪم جاري ڪندي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ حڪم جاري ڪندي چيو ته جاچ آفيسر ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري 8 نومبر تي چالان پيش ڪندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.