ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 12 ماڻھن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، فريادي ۽ مقتول جي وارثن کي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت پوليس کي ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وئي، عدالت ۾ رينجرز جي پراسيڪيوٽر چيو ته حقيقت ۾ درخواست جو جواب سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائڻو آھي، سنڌ حڪومت مقتولن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، رينجرز پراسيڪيوٽر موجب معاوضي جي رقم اڄ تقريب ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. يادرهي ته 28سيپٽمبر تي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا هئا.