سنڌ سميت ملڪ ۾ غيرقانوني ڌارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سڄي ملڪ سميت ڪراچي ۾ به غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن مان مزاحمت جو خدشو پڻ آهي. پهرين نومبر جي رات شهر  جي ستن ضلعن ۾ رهندڙ هڪ لک 65 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني غير ملڪين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ غير قانوني پرڏيهين ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف به سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هوڏانهن سپر هاءِ وي تي خاص ڪري سهراب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو پر ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بھادر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت غير قانوني مهاجرن کي پنهنجي مرضي سان پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ هڪ مهيني جي رعايت ڏني هئي، سڄي ملڪ وانگر ڪراچي ۾ به سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پرڏيهين خاص ڪري افغانين جو وڏو انگ رضاڪارانه طور تي پنهنجي سامان سميت پنهنجي ملڪ واپس ويا آهن ، جڏهن ته انهن مان اڪثر کي پوليس گرفتار ڪيو آهي ۽ سندن ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد انهن خلاف غير ملڪي ڪارروائين جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ۽ ٻين شقن تحت ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو ۽ دستاويزن سميت جوابدارن کي به عدالت مان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي عملدارن انهن سمورن گرفتار ماڻهن جا عارضي دستاويز تيار ڪري انهن جي ملڪن ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن. هن چيو ته پهرين گرفتاري صدر پوليس ڪئي، جنهن ۾ 4 پرڏيهي (افغان) رهواسي نور شاهه ولد محمد شاهه، ڪامران پٽ عميد خان، عمر گل پٽ عبدالحڪيم ۽ عندليب الله ولد عبدالرزاق کي گرفتار ڪيو ويو. سلطان آباد ۾ حاجي ڪيمپ کي پرڏيهين لاءِ رکيل ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.هولڊنگ ڪيمپ ۾ ايف آءِ اي، ڪسٽم ۽ نادرا جا آفيسر موجود آهن، جيڪي گرفتار ٿيلن جا عارضي دستاويز تيار ڪري کين سندن ملڪن ڏي موڪليندا. جڏهن ته انهن جي غير قانوني طور تي حاصل ڪيل ملڪيتن کي به ضبط ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت نادرا کان غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ اڪثر پرڏيهين جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، ٽئين مرحلي ۾ سپر هاءِ وي سميت شهر جي ٻين علائقن ۾ ڌارين جا قبضا ختم ڪرايا ويندا

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي شروع ٿي وئي، نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي ڪالهه راڄڌاني ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افغان پناهگيرن سميت غيرقانوني پرڏيهين جي  رضاڪارانه واپسي جي مدي جي مدي 31 آڪٽوبر تي ختم ٿي وئي آهي، حڪومتي ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي، مختلف صوبائي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پهرين نومبر تي رضاڪارانه طور تي ملڪ ڇڏڻ وارن کي پريشان نه ڪيو ويندو، پر جيڪي سرحد پار نه ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ هولڊنگ سينٽرز۾ رکيو ويندو،هوڏانهن ليويز اختيارين موجب مختلف علائقن مان درجنين غيرقانوني افغانين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ مان افغان پناهگيرن جو غيرمعمولي انگ چمن پهچي ويو آهي. ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته افغان پناهگير خاندانن کي رجسٽريشن کانپوءِ ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين 5 هزار افغان پناهگير ڪئمپ ۾ پهچي چڪا آهن،هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمن ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي 64 افغان شهرين کي طورخم بارڊر روانو ڪري ڇڏيو آهي،ٻن بسن ۾ سوار افغان شهرين کي پوليس سيڪيورٽي ۾ طورخم بارڊر موڪليو ويو.پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل ۾ رکيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.