گڏيل قومن آمريڪا جي طاقت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا:عهديدار جي احتجاج طور استعيفي

نيويارڪ (م ڊ) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس او ايڇ سي ايڇ آر جي ڊائريڪٽر ڪريگ موخيبر اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي پنهنجي عهدي تان احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. روس جي اخبار جي رپورٽ مطابق پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي گڏيل قومن جي ذميواري هئي. جيڪا ذميواري پوري ڪرڻ بجاءِ گڏيل قومن آمريڪا جي طاقت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ اسرائيلي لابي جي مقابلي ۾ شڪست تسليم ڪئي

  • رڳو گلزار هجري ۾ 65 هزار 888 پرڏيهي غير قانوني سوسائٽيون ٺاهي ترسيل

ڪراچي(رپورٽر)پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جي غير قانوني آبادين کي ڊاهڻ لاءِ ڳري مشينري پڻ استعمال  ڪئي ويندي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. آپريشن ۾ سنڌ پوليس کان علاوه رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به شامل هوندا. سرڪاري انگن اکرن موجب ضلعي اوڀر ۾ 75 هزار 734 کان وڌيڪ پرڏيهي، ضلعي سينٽرل ۾ 9 هزار 527، ضلعي ڏکڻ ۾ 7 هزار 7، ضلعي ملير ۾ 13 هزار 139 ۽ ضلعي ڪياماڙي ۾ 8 هزار 946 پرڏيهي رهن ٿا. رڳو گلزار هجري ۾ 65 هزار 888 پرڏيهي غير قانوني سوسائٽيون ٺاهي آباد ٿيا آهن. پوليس اختيارين موجب ڪراچي ۾ ڪچرو کڻندڙ پرڏيهي رهواسي گلشن اقبال، گلستان جوهر، اسڪيم 33 سميت مختلف سوسائٽين ۽ پاڙن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن،

  • ڏيهه واپس ويندڙ 64 افغان شهرين کي اڄ الوداع ڪيو: نگران گهرو وزير

اسلام آباد(م ڊ) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي  چيو ته وطن واپسي  جو سفر شروع ڪندڙ 64 افغان شهرين کي اڄ اسان الوداع ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گهرو وزير چيو ته هي ڪارروائي ڪنهن به پرڏيهي جنهن وٽ ضروري دستاويز  ناهن کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

  • سعودي عرب پاران پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباري جي شديد مذمت

رياض(م ڊ) سعودي عرب غزه جي سڀ کان وڏي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباري جي  شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بي گناه فلسطيني شهيد ٿيا آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب اسرائيلي قابض فوج پاران غزه پٽي ۾ جباليه پناهگير ڪيمپ کي غير انساني طور تي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

  • پرڏيهي ڪارڊ رکندڙن کي گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم جاري

راولپنڊي ( م ڊ ) پرڏيهي ڪارڊ رکندڙ پرڏيهين کي گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. آر پي او سيد خرم علي جو چوڻ آهي ته شـهريت ڪارڊ رکندڙن پرڏيهين کي ترت آزاد ڪيو وڃي،  آر پي او موجب بنا جاچ جي پرڏيهين کي هولڊنگ سينٽر منتقل نه ڪيو وڃي. غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي ڪاغذن جي تصديق جو طريقو ٻڌايو ويو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس بازارن ۽ روڊن تان ماڻهن کي حراست ۾ وٺڻ شروع ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.