اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري صحافي رئوف ڪلاسرا چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پ پ اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته توهان في الحال بيان جاري نه ڪريو، اڳرائي نه ڪريو، ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ نه وڃو، زرداري اڄڪلهه ٽي وي چئنلن کي مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان هدايت مان واضح ٿئي ٿو ته زرداري ”مخصوص ماڻهن “ سان رابطي ۾ آهي،ان کان اڳ زرداري پنهنجي ماڻهن کي هدايت ڪئي هئي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ وچ ۾ جيڪي قربتون وڌي رهيون آهن ان کي ٽارگيٽ بڻائڻ شروع ڪريو، ان ٽارگيٽنگ کانپوءِ بارگيننگ طور آصف زرداري سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن هاڻي هن هدايت ڪئي آهي ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ شرڪت ڪري سخت ڳالهيون خاص طور تي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان نه ڪريو ڇو ته منهنجون انهن سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن،زرداري گڊڪاپ بيڊ ڪاپ وارو تير هلايو،هن هاڻي لغامون ڇڪي ڇڏيون آهن، آصف زرداري خلاف ايف آءِ اي جعلي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ 40 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن جو پتو لڳايو هو،هن چيو ته اسٽبيلشمينٽ کي جڏهن به نوازشريف يا عمران خان خلاف ڪو پراجيڪٽ شروع ڪرڻو هوندو آهي ته اها آصف زرداري کي هر ڀيري ڪانٽريڪٽ ڏيندي آهي، زرداري اڄڪلهه ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڊيل جي حوالي سان خوش ناهي، ان ڪري هن پيغام موڪليو آهي ته اسان عمران خان سان اتحاد ڪري سگهون ٿا،بلاول کي موقعو ڏنو وڃي، سوال اهو آهي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ ان مطالبي تي گاهه وجهندي؟ پ پ سان اتحاد جي عمران خان کي به ضرورت آهي، آصف زرداري جي حڪمت عملي اها آهي ته عمران خان يا پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري تصويرون هلرائي دٻاءُ وجهجي ،ان عمل سان واضح ٿيندو ته سياست ۾ ڪا به غيرت،پنهنجي عزت نظر نه پئي اچي، مفاد سامهون ايندا آهن ته پوءِ ڪا به عزت،غيرت برگيڊ وغيره جي حيثيت ناهي