“فيض آباد ڌرڻي دوران جنرل فيض حميد جو دٻاءُ هو، ڌمڪين وارا فون آيا“

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻو ريفرنس ڪيس ۾ حلف نامي سميت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

بيان ۾ ابصار عالم  جو چوڻ آهي ته فيض آباد ڌرڻي دوران اڳوڻي ڊي جي سي فيض حميد تي پيمرا جي چيئرمين جي حيثيت سان مون ۽ اختيارين تي سخت دٻاءُ هو، حسين حقاني تي پابندي مڙهڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو پر سندن مطالبو نه مڃيو ويو.

هن چيو ته اپريل 2017ع ۾  فيض حميد ۽ سندس ماتحت آفيسرن ٽي وي چئنلز تي دٻاءُ وڌو، سخت دٻاءُ سبب هنن ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف، ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ آرمي چيف کي خط لکيو. جنهن ۾ چيو ويو ته پيمرا آفيسرن کي حراسان ۽ مفلوج ڪيو پيو وڃي.

پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ هو ته هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ فون ڪالز جو سلسلو بي نقاب ڪيو، مئي 2017 ۾ جيو ۽ ڊان کي اصل نمبرز تي بحال ڪيو ويو.

پيمرا قانون جي ڀڃڪڙي تي خانگي چينل بند ڪيو، پوءِ فيض حميد فون ڪيو ۽  ٻيا چينل به بند ڪرڻ جو  چيو ويو، 25 نومبر 2017 تي مريم اورنگزيب رابطو ڪري سمورن ٽي وي چينلن تي پابندي لڳائڻ جو چيو، جنهن تي کيس چيو ويو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ حڪومتي هدايتن تي چينل بند ڪري سگهجن ٿا، ٻي صورت ۾  نه.

بيان ۾ ابصار عالم چيو ته فيض آباد ڌرڻي دوران ان وقت جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هدايت تي سمورا ٽي وي چينل بند ڪرايا.

فيض آباد ڌرڻي دوران خانگي چينل بند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مون کي 2 سالن کانپوءِ چيئرمين پيمرا جي عهدي تان هٽايو ويو. اڳوڻي چيئرمين پيمرا درخواست ڪئي ته فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس ۾ بيان حلفي سميت رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.