نواز شريف کي حفاظتي ضمانت نيب ۽ اپيل بحالي پنجاب حڪومت سبب ملي: هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ نواز شريف جون اپيلون بحال ڪرڻ جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف جي حفاظتي ضمانت نيب ۽ اپيل بحال پنجاب حڪومت جي فيصلي سبب ڪئي وئي آهي.
16 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جاري ڪيو.
لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جون اپيلون بحال ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي، نواز شريف يج اپيلن کي ميٽرس تي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو، عدالت جي 19 آڪٽوبر جي عبوري رليف سبب نواز شريف کي ڏيهه واپسي تي گرفتار نه ڪيو ويو.
فيصلي موجب نواز شريف کي گرفتار نه ڪري عبوري رليف ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي، نواز شريف جي حفاظتي ضمانت نيب جي واضح موقف سبب ڏني وئي، نيب چيو ته نواز شريف جي گرفتاري نه گهرجي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف اپيل بحالي جي درخواست داخل ڪئي، عدالت 24 آڪٽوبر تي نوٽيس جاري ڪيو ۽ 26 تي نواز شريف جي اپيل بحالي جي درخواست منظور ڪئي.
عدالت لکيو ته پنجاب حڪومت سي آر پي سي سيڪشن 401 (2) تحت سزا معطل ڪئي، العزيزيا ريفرنس ۾ پنجاب حڪومت طرفان سزا معطل ٿي چڪي، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا معطلي جو فيصلو بحال ڪيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.