پاڪ فوج طرفان ٽن سائنس ليبارٽرين جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج طرفان تيراه ايجوڪيشن ڪامپليڪس ۾ ٽن سائنس ليبارٽرين جو افتتاح ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جا اهي علائقي ڪڏهن دهشتگردي جو شڪار هئا، اڄ اتي جديد علم پڙهايا پيا وڃن، پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور نارٿ جي گڏيل سهڪار سان تيرا ايجوڪيشن ڪامپليڪس ۾ شاگردن جي تعليمي قابليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ جديد سائنس ليبارتريز جو افتتاح ڪيو ويو آهي.

2019 ۾ قائم ڪيل تيراه ايجوڪيشن ڪمپليڪس ۾ شاگردن لاءِ جديد تعليمي وسيلن جي کوٽ هئي، ان اهم ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان آرمي ۽ فرنٽيئر ڪور نارٿ پاران جديد ترين فزڪس، ڪيمسٽري ۽ بايولاجي ليبارٽريز جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو، جن مان شاگردن کي سکڻ ۽ تجربو ڪرڻ جي سهولت لاءِ گهربل سهولتيون ملنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.