ڇوڪري کي پسند ڪرڻ تي ماءُ ڌيءَ کي قتل ڪري لاش کوهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ ماءُ نوجوان کي پسند ڪرڻ تي ڌيءَ کي قتل ڪري لاش کوهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب پوليس ٻڌايو ته اهو واقعو تيجوپور ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي ڇوڪريءَ جيماءُ شيوپتي ڌيءَ جي اغوا ٿيڻ جي شڪايت پوليس ۾ داخل ڪرائي.
پوليس ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جي ماءُ اها شڪايت 14 آڪٽوبر تي مانجهن پور ٿاڻي تي داخل ڪرائي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 2 آڪٽوبر تي هن جي ڌيءَ ٻنيءَ ۾ وئي هئي تڏهن کان گم آهي جنهن بعد پوليس اڻڄاتل شخص خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پوليس موجب 26 آڪٽوبر تي ڳوٺاڻن پوليس کي کوهه ۾ لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ جاچ دوران خبر پئي ته 15 ورهين جي ڇوڪري کي سندس ماءُ ئي قتل ڪيو ۽ بچڻ لاءِ پاڻ ئي قتل کي اغوا جو رنگ ڏئي پوليس کي شڪايت ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته پوليس ماءُ کان به پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن دوران هن پنهنجو ڏوهه مڃيندي چيو ته هن جي ڌيءَ انهيءَ ڳوٺ جي هڪ نوجوان کي پسند ڪندي هئي ۽ پوئتي نه هٽڻ تي هن پنهنجن مائٽن سان گڏجي کيس ڪهاڙي جا وار ڪري پهريان قتل ڪيو ۽ پوءِ ٻوڙي ۾ وجهي کوهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ڌيءَ جي قتل تي عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ماءُ جي قبضي مان قتل ۾ استعمال ڪيل ڪهاڙي، چري ۽ ٻوري به هٿ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.