نگران حڪومت گئس اگهن ۾ واڌ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته ملڪ جو نقصان ختم ڪرڻ لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ ضروري هئي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته پاڪستان ۾ گئس جو اگهه حڪومت ڏيندي آهي، اوگرا کي هن سال 697 بلين رپيا گهرجن ته جيئن گئس خريدي سگهجي.
هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گئس جا ذخيرا گهٽجندا پيا وڃن، اڄ هزار ارب رپين کان گهٽ جي گئس ۽ آئل ڪڍي رهيا آهيون، ڇو ته گئس جي مقامي پيداوار گهٽ آهي، آر ايل اين جي جي درآمد ڪرڻي پوندي آهي، مقامي سطح تي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ 210 ارب ادا ڪرڻا پوندا آهن، هلندڙ مالي سال به اگهه نه وڌايون ها ته 400 اربن جو نقصان ٿئي ها.
سندس چوڻ هو گذريل دور ۾ اگهه وڌايا وڃن ها ته اڄ ايتري واڌ نه ٿئي ها، 10 ورهين ۾ گئس ڪمپنين کي 879 اربن جو نقصان ٿيو، سموري گئس چين جو نقصان 2100 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي پر گئس اگهه وڌائڻ سان هاڻ پيٽروليم سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ نه وڌندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.