ايپل نوان 3 ايم چپس، ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپس متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.
ايپل جي هڪ آن لائين ايونٽ دوران ميڪ ڪمپيوٽر ڊوائيسز ۽ چپس کي پيش ڪيو ويو.
ايم 3، ايم 3 پرو ۽ ايم 3 ميڪس ان ڪمپني جون طاقتور ترين چپس آهن.
ايپل موجب اهي پهريون پرسنل ڪمپيوٽر چپس آهن جيڪي سي پي يو کي وڌيڪ تيز ۽ طاقتور بڻائين ٿيون.
اهڙيءَ طرح اهي چپس ڊوائيسز جي ميموري کي به اثرائتو بڻائين ٿيون.
ايونٽ دوران ايپل 24 انچن جو نئون آءِ ميڪ ڪمپيوٽر به متعارف ڪرايو.
ان ڪمپيوٽر ۾ ايم 3 چپ جو استعمال ڪيو ويو ۽ ڪمپني موجب نئين چپ سبب اهو ڪمپيوٽر ٻيڻ تي وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي.
ان ڪمپيوٽر ۾ واءِ فاءِ 6 ايس ڊوائيس سپورٽ ۽ ويب ڪيم به ڏني وئي آهي.
آءِ ميڪ ۾ 24 جي بي تائين ريم ڏني وئي آهي جڏهن ته ڪمپيوٽر 7 مختلف رنگن ۾ دستياب هوندو.
ان ڪمپيوٽر جي قيمت 1299 ڊالرز کان شروع ٿيندي.
ايپل طرفان 14 ۽ 16 انچن جي ميڪ بڪپرو ليپ ٽاپس به پيش ڪياويا آهن جن ۾ ايم 3 پرو ۽ ميڪس چپس جو استعمال ڪيو ويو آهي.
ٻنهي ليپ ٽاپس ۾ مني ايل اي ڊي ڊسپلي ڏنيوئي آهي جڏهن ته 1080p ڪيمرا، 6 اسپيڪر سائونڊ سسٽم، 22 ڪلاڪن جي بيٽري لائيف ۽ 128 جي بي تائين ريم جهڙا فيچرز انهن ڊوائيسز جو حصو آهن.
14 انچن جي ميڪ بڪ پرو جي قيمت 1999 ڊالرز کان شروع ٿيندي جڏهن ته 16 ايم ڪي ميڪ بڪ پرو جي قيمت 2499 ڊالرز کان شروع ٿيندي.
You might also like