موهن جو دڙو: بجلي جي تار ڪِرڻ سبب مزدوري ڪندڙ نوجوان فوت

موهن جو دڙو (رپورٽ: مجاهد آفتاب قاضي) موهن جي دڙي ۾ نوجوان پورهيت بجلي جي 11 هزار وولٽيج تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بگي ۾ هڪ تعمير ٿيندڙ گھر ۾ 18 ورهين جو شفن ابڙو مزدوري ڪري رهيو هو ته مٿان گذرندڙ يارهن هزار وولٽيج جي بجليءَ جي تار ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت سخت زخمي ٿي پيو.
نوجوان کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ طبي امداد لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو مڙهه گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
هوڏانهن واقعي باوجود واپڊا اختيارين بجليءَ جي ڪريل تار ٺيڪ نه ڪئي، جنھن سبب وڌيڪ نقصان جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.