ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي ڀارت جهڙي ٽاپ ڪلاس ٽيمن خلاف نه کيڏڻ جو نتيجو آهي: هيڊ ڪوچ جو اعتراف

ڪولڪتا( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي بُري ڪارڪردگي جو ذميوار گهٽ وقت ۾ ڪيئي ويندڙ تياري کي قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪولڪتا ۾ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ بريڊ برن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ان صورتحال ۾ آهيون جنهن جي اميد نه هئي.

هن اعتراف ڪندي چيو ته ٽورنامينٽ ۾ ڏهه ٽيمون آهن، آءِ سي سي رينڪنگ سان فرق ناهي پوندو ڇو ته اسان ڀارت ۽ ٽاپ ٽيمن خلاف ناهيون کيڏندا.

سندس چوڻ هوته اسان کي ٽاپ ٽيمن خلاف ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي، پر چئن شڪستون اسان جي ٽيلنٽ جون عڪاسي نٿيون ڪن، اسان سڀ اهڙيون ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيون ٿا جو قوم اسان تي فخر ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته اسان اڃا تائين سٺي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، اسان مداحن جي اميدن تي پورو نه لٿاسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.