مولانا طارق جميل جي پٽ جي لاڏاڻي تي ثنا خان جو بيان به اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مذهب خاطر بالي ووڊ کي الوداع چوندڙ ثنا خان ناليواري عالم مولانا طارق جميل جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
ثنا خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري ۾ مولانا طارق جميل جو ٽوئيٽ پوسٽ ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجي پٽ جي موت جي تصديق ڪئي هئي.
اڳوڻي اداڪارا عاصم جميل جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته الله پاڪ مولانا طارق جميل صاحب کي صبر ڏئي.
هن عاصم جميل جي مغفرت ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام لاءِ به دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.