ورلڊڪپ: بنگلاديش خلاف مقابلو، پليئنگ اليون ۾ ڦيرڦار

ڪولڪتا( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٽن تبديلن جي امڪان آهن.

قومي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان جي بنگلاديش خلاف ميچ ۾ شرڪت شڪي آهي، شاداب خان جي شرڪت جو فيصلو صبح وڌيڪ معائني کانپوءِ ٿيندو.

ذريعن موجب، شاداب خان سئو سيڪڙو فٽ نه آهي ۽ اڄ هن نيٽ تي بالنگ به نه هئي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش خلاف ميچ ۾ پاڪستان ٽيم ۾ ٽن تبديلين جو امڪان آهي.

شاداب خان جي جاءِ تي اساما مير کي بنگلاديش خلاف کيڏائڻ جو امڪان آهي، اوپننگ بيٽر امام الحق جي جاءِ تي فخر زمان کي ميدان تي لاٿو ٿيندو جڏهن محمد نواز جي جاءِ تي سلمان علي آغا فائنل اليون جو حصو بڻائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.