5 ڄڻن جو قتل، جوابدارن کي 5-5 ڀيرا موت جي سزا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدلت 5 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي 5-5 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ 7 کي آزاد ڪري ڇڏيو.
ايڊيشنل سيشن جج شعيب انور قريشي ڪيس ۾ ملوث 10 جوابدارن خلاف محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت جوابدار هيرا، ذوالفقار، جهانگير کي 5-5 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته عبدالجبار، وقار، لياقت، قدر، رحمت، جهانگير ۽ فرمان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.
عدالت ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي حاضري لڳائڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو، جن خلاف هرڪي ٿاڻي ۾ قتل جي قلمن تحت ڪيس داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.