ڪجهھ ڏينھن اڳ ھڪڙي وڊيو وائرل ٿي، جنھن ۾ هڪ مذهبي اڳواڻ کان سنڌ جي ماڻھوءَ سوال ڪيو ته اوھان تڏھن لانگ مارچ ڪيا جڏھن پئٽرول 150 روپيا ليٽر ھو، جڏھن اٽو سستو ھو جڏھن ماڻھن جو جيئن سستو ھو .”اوھان تڏھن ڪٿي ھئا جڏھن سنڌي ماڻھن جو قتل ڌارين پناھگير جي ھٿان روز جو معمول بڻجي ويو آھي،تڏھن ڪٿي ھئا جڏھن ماڻھن جو جيئن جنجال ٿي ويو آھي, جڏھن ماڻھو ويلو ماني کائڻ لا۽ پريشان آھن ماڻھو مرن پيا خودڪشيون ڪن پيا تڏھن اوھان ڪٿي لڪل ھئا“؟ ته مولانا صاحب سوال جو جواب ڏيڻ بدران ان ماڻھو جي جيڪا تذليل ڪئي سا سڄي سنڌ ڏٺي، ۽ ان سوال پڇندڙ ماڻھوءَ کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو ويو آھي ڇا اهو عوامي جلسو هو، جيڪڏهن عوامي جلسو هو ته پوءِ سنڌي ماڻھن جي سوالن تي پابندي ڇو؟
اوھين اھو ھرگز نه سمجھو ته سنڌ جا ماڻھو سوال نه ڪندا اوھان پاڻ کي وطن دوست سمجھو ٿا ته اوھان جو ڪم آھي عوام جو ڏک سمجھجي عوام سان گڏجي ھلو ان سان گڏجي بيھو ۽ انھن کي سوالن جا جواب ڏيو سندن سھارو بڻجو نڪي وري عوام جي جذبن جي تذليل ڪيو. عوامي جلسي مان گرفتار ڪيل شخص جي آزادي جو مطالبو ڪجي ٿو