لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته امت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ آهي 19 ڏينهن کان شهر تي بارود جي برسات ٿي رهي آهي فلسطين جا ٻار مائرون ڀينرون ۽ ڌيئرون دانهون ڪري سڏي رهيا آهن جيڪي صهيوني جبر کان مظلوم آهن جن کي بچائڻ حضور ﷺ جي محبت جو تقاضا آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته قوم جا حڪمران ننڊ ۾ آهن منبر ء محراب کي محاذ ٺاهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چناب نگر ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن فتنا قاديانيت کي دين خلاف عالمي سازش قرار ڏيندي چيو ته ان کي آمريڪا، اسرائيل ۽ ڀارت جي مڪمل حمايت حاصل آهي. جماعت اسلامي 29 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني آڏو غزه مارچ ڪندي