ٽي ايل پي جي رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ناهي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ( ٽي ايل پي ) جي رياست مخالف جماعت هئڻ بابت ڪو به ثبوت ناهي مليو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ايل پي جي رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي گهرو وزارت کان رپورٽ گهري هئي، گهرو وزارت جي رپورٽ موجب تحريڪ لبيڪ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ناهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، ٽي ايل پي جي فنڊنگ ذريعن جو به جائزو ورتو ويو، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ موجب، ٽي ايل پي کي 15 لک رُپيا پابندي مڙهيل ذريعن وٽان مليا جيڪي ان لاءِ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي کي ملندڙ ننڍي رقم کي پرڏيهي فنڊنگ قرار نٿو ڏئي سگهجي، انڪوائري کانپوءِ تحريڪ لبيڪ خلاف نوٽيس واپس ورتو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سُپريم ڪورٽ جي فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ فيصلي تي عملدرآمد ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي آئيني ذميواري جو مڪمل احساس آهي.

ياد رهي ته 28 سپٽيمبر واري ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ڌرين کي 27 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن تي فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.