پي ٽي آءِ ٽن اينڪرن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف ٽن اينڪرن جي پروگرامن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت ٽوئيٽ ڪري اعلان ڪيو آهي ته ڊان واري اينڪر شاهزيب، سما جي منيب فاروق ۽ ڪامران شاهد جي پروگرامن ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جو نمائندو شرڪت نه ڪندو.

ياد رهي ته ڪامران شاهد پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ عثمان  ڊار جو انٽرويو ڪيو هو، ڊان واري شاهزيب فرخ حبيب جو ۽ منيب فاروق شيخ رشيد جو انٽرويو ڪيو هو.

عمران خان بابت اداڪارا حاجرا جي انٽرويو جو پڙاڏو

لاهور ( عوامي آواز نيوز )  عمران خان ۽  ڊرامن جي مشهور  اداڪارا حاجرا وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي 14 منٽن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي  آهي ،نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته  ذريعن جو چوڻ آهي ته  اداڪارا حاجرا جي هڪ ٻي انٽرويو واري وڊيو اچڻ واري آهي ، جنهن ۾ اهم انڪشاف هوندا، اداڪارا ۽ عمران خان ۾ جن پيغامن جي ڏي وٺ ٿي آهي  ان بابت اداڪارا  تفصيل ٻڌائيندي. ممڪن آهي ته  ڪي وڏا انڪشاف ڪري ، جنهن سان عمران خان جو ڪردار داغدار ٿي سگهي ٿو

عمران خان جون معافي  لاءِ مولانا فضل الرحمان کي منٿون

لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان جون مولانا فضل  الرحمان کي معافي ڏيارڻ لاءِ منٿون، محمد علي دراني پيغام کڻي مولانا وٽ پهچي ويو، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عمرا خان هر طرف کان مايوس ٿي هاڻي ميڙ منٿ تي لهي آيو آهي، مولانا فضل الرحمان لاءِ غليظ ٻولي استعمال ڪندڙ عمران خان ٻي واهه نه ڏسي محمد علي دراني جيڪو آمر مشرف دور ۾ سُڌ سماءَ جو مملڪتي وزير هو، ان کي مولانا فضل الرحمان ڏانهن پيغام ڏئي اماڻيو ته ”مون کي معاف ڪيو وڃي ۽ نواز شريف کي به سفارش ڪئي وڃي“ اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته محمد علي دراني مولانا جي قدمن تي هٿ رکي کيس گذارش ڪئي، جواب ۾ مولانا فضل الرحمان کيس چيو ته هو معاملي کي ڏسي وٺندو، صحافي موجب عمران خان لاءِ اهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.

نوٽ: هيءَ خبرون روزاني عوامي آواز خميس 26 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.