لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان جون مولانا فضل الرحمان کي معافي ڏيارڻ لاءِ منٿون، محمد علي دراني پيغام کڻي مولانا وٽ پهچي ويو.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عمرا خان هر طرف کان مايوس ٿي هاڻي ميڙ منٿ تي لهي آيو آهي، مولانا فضل الرحمان لاءِ غليظ ٻولي استعمال ڪندڙ عمران خان ٻي واهه نه ڏسي محمد علي دراني جيڪو آمر مشرف دور ۾ سُڌ سماءَ جو مملڪتي وزير هو، ان کي مولانا فضل الرحمان ڏانهن پيغام ڏئي اماڻيو ته ”مون کي معاف ڪيو وڃي ۽ نواز شريف کي به سفارش ڪئي وڃي“.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته محمد علي دراني مولانا جي قدمن تي هٿ رکي کيس گذارش ڪئي، جواب ۾ مولانا فضل الرحمان کيس چيو ته هو معاملي کي ڏسي وٺندو، صحافي موجب عمران خان لاءِ اهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 26 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي