اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي گهرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي چيو آهي ته غيرقانوني پناهگيرن بابت پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته رضاڪاراني طور واپس ويندڙ پناهگيرن جي حوصلا افزائي ڪنداسين پر پهرين نومبر کانپوءِ پاڪستان ۾غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين.
هن چيوته غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪاليءَ لاءِ عارضي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن، صوبائي حڪومتون پرڏيهي ماڻهن جي نيڪالي جا خرچ برداشت ڪري رهيون آهن، سينٽرن ۾ ميڊيڪل ۽ کاڌو پيتو فراهم ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هولڊنگ سينٽرز ٺاهيا آهن، غيرقانوني رهندڙن کي اتان واپس موڪليو ويندو، ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي تمام گهڻي احترام سان رکيو ويندو.
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته جيترا به غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا ان تي نادرا ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، جن غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي اين اي ڪرائڻي پئي يا ڪجهه به ڪرڻو پيو ته هو ڪندا.
هن چيو ته هي تمام وڏو چئلينجنگ ٽاسڪ آهي، سمورن صوبن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ هو پنهنجي پنهنجي حدن ۾ سينٽر قائم ڪندا، جيڪو به هتي قانوني طريقي سان اچڻ چاهي ٿو، کيس ڀليڪار ڪندا، جن وٽ به سفري دستاويز ناهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته جنهن کي پاڪستان اچڻو آهي اهو ويزا وٺي پوءِ اچي، هو احسان ۽ مهمانن کي نه وساريندا آهن، احسان ڪندڙن کي ياد ڪندا آهن، وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي آيا آهن، دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿيو آهي ته ڪو سفر تي اچي ٿو ۽ خبر ناهي ڪيڏانهن وڃي ٿو، سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي ٿريٽ موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته غير قانوني رهواسين جا ٻه قسم آهن، هڪ اهي آهن جن وٽ ڪو به دستاويز ناهي، ٻيو اهي آهن جن وٽ نادرا کان سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏني وئي، پهرين مرحلي ۾ غيرقانوني رهندڙن کي ڪڍيو ويندو.
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته غير قانوني افغان پناهگيرن کي واپسيءَ وقت 50 هزار رپياکڻي وڃڻ جي اجازت هوندي، ڪنهن کي سمگلنگ يا ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.
هن چيوته اسان پرڏيهين بابت جيو فينسنگ ڪري ورتي آهي، اسان کي ڄاڻ آهي ته غيرقانوني پناهگير ڪهڙي ڳوٺ ۽ شهر ۾ آهن، ڪو به غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي پناهه ڏيندو انهن خلاف سخت قانون ڪارروائي ڪئي ويندي.