اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران پيٽروليم ليوي جي اوڳاڙي ۾ رڪارڊ 368 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي سرڪار پهرين ٽه ماهي ۾ ليوي جي مد ۾ 222 ارب رُپيا اوڳاڙيا جڏهن ته گذريل مالي سال جولاءِ کان سپٽيمبر تائين پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 47 ارب 48 ڪروڙ رپيا اوڳاڙيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ پنج سئو اسي ارب رُپيا اوڳاڙيا ويا هئا جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جي اوڳاڙي جو هدف اٺ سئو 69 ارب رُپيا مقرر آهي.
ياد رهي ته هن وقت في ليٽر پيٽرول تي 60 رُپيا ليوي جي مد ۾ اوڳاڙيا پيا وڃن جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي في ليٽر ليوي 55 رُپين جي حساب سان لاڳو آهي.